جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جساف

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف): جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جو بنياد 1972ع ڌاري جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي. ايم. سيد رکيو. هيءَ سنڌي شاگردن جي پهرين قومپرست سياسي جماعت آهي، هيءَ شاگرد جماعت سنڌي ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي گڏيل قيام سان وجود ۾ آندي وئي، جنهن جو پهريون يونٽ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري ۾ 31 مارچ 1972ع تي برپا ٿيو. هن جي پهرين مکيه اڳواڻن ۾ اقبال ترين، شاهه محمد شاهه، مدد علي سنڌي، مولابخش لغاري، يوسف جکراڻي،ديدار بلوچ، نظر محمد جوڻيجو،قمر زمان راڄپر، سيد علي حيدر شاهه، غوث بخش خاصخيلي ۽ ٻيا هئا. هن جي منشور ۾ نيشنلزم، سيڪيولرز، جمهوريت سوشلزم جهڙا نقطا شامل ڪيا ويا. جڏهن ته جدوجهد جي نقطن ۾ اٺ نقطا- جن ۾ شاگردن جي فلاح بهبود، اسڪالر شپن جي حصول لاءِ جدوجهد، قومي شعور جي جاڳرتا وغيره جهڙا نقطا شامل ڪيا ويا. اڳتي هلي هن شاگرد تنظيم سنڌ جي نمائنده قومي جماعت جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ وغيره کي جنم ڏنو. هن پارٽيءَ جي چونڊ جو سرشتو نج جمهوري طرز جو آهي، هن شاگرد جماعت سنڌي ٻولي، قومي ٻولي سميت مارشلائن، تعليم دشمن پاليسين، شاگردن جي بهتر تعليمي ماحول جي لاءِ شروع ۾ انتهائي بيباڪيءَ سان جدوجهد ڪئي آهي. هن جا ڪيترائي اڳواڻ مولا بخش لغاري، الطاف تنيو، خان قريشي'>بشير خان قريشي، دودو مهيري، گل محمد جکراڻي، قادر مگسي ۽ ٻيا جيلن جي سختين جي عتاب هيٺ رهيا. ٽوڙي ڦاٽڪ جو سانحو پڻ هن شاگرد جماعت سان واڳيل آهي، جنهن ۾ 1984ع ڌاري پنج شاگرد قانون لاڳو ڪندڙ اختيارين جي ڪارروائي ۾ شهيد ٿي ويا ۽ ڏيڍ سئو کان مٿي مزاحمتن ڪري جيلن ۾ واڙيا ويا، جن کي ڦٽڪن هڻڻ سميت اذيتناڪ عتابن واريون سزائون ڏنيون ويون. ضياءَ جي آمريت سميت ٻين سياسي معاملن تي هيءَ شاگرد جماعت، احتجاج ڪندي رهي ٿي. شهيد سرائي قربان کهاوڙ ۽ روپلو چولياڻي به هن تنظيم جا مرڪزي عهديدار رهيا. هينئر هيءَ سنڌ جي نمائنده قومپرست شاگرد جماعت آهي جيڪا سنڌ جي اڪثر ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سياسي جاڳرتا تي ڪم ڪري رهي آهي. سلسليوار ”شاگرد آواز“ ۽ ”جساف“ هن جا مرڪزي ترجمان مئگزين آهن. هن وقت جيئي سنڌ هلچل جي ڌڙن جيان هن جماعت جا به ساڳئي نالي سان ڌار ڌار گروپ سرگرم آهن جن جا مکيه اڳواڻ حفيظ پيرزادو، حبيب ڀٽو ۽ ٻيا آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو